Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:18 - Hindu Sindhi Bible

18 تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پيءُ جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي روزيدار سمجھي. تڏهن اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي اجر ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيئن اوهان جو دان ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.“


پر جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پتا آڏو پرارٿنا ڪريو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.


ايشور هر ڪنهن کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي ساراهہ پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو پرميشور آڏو سچو آهي.


سو توڙي اسين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير واري گھر ۾ رهون يا نہ رهون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد هي آهي تہ اسين پرڀو يسوع کي پسند اچون.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو وشواس خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو وشواس بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو ناس ٿيندڙ سون کان گھڻو قيمتي آهي. ايشور چاهي ٿو تہ اوهين يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت ساراهہ، شان وَ شوڪت ۽ مان‌سمان جي لائق قرار ڏنا وڃو.


پرميشور جي خاطر هر انساني اختيار جي وس هيٺ رهو مثال طور مهاراجا جي، انهيءَ ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ اختيار وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ