Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:16 - Hindu Sindhi Bible

16 ”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”جڏهن اوهين روزو رکو تہ رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:16
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آڪاش واري پتا وٽان ڪوبہ لاڀ نہ ملندو.


تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي دان ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن پاکنڊي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.


”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو.


هڪڙي دفعي جڏهن يوحنا جا چيلا ۽ فريسي وِرت سان هئا تہ ڪي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يوحنا جا چيلا ۽ فريسي تہ وِرت رکن ٿا پر اوهان جا چيلا ڇو نہ ٿا رکن؟“


آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن وِرت ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘


ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.


هنن هر هڪ وشواسي منڊليءَ لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ وِرت رکي انهن اڳواڻن لاءِ پرارٿنا ڪيائون ۽ کين پرڀو يسوع جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن وشواس آندو هو.


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين پرارٿنا ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان ۾ برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.


چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ