Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:14 - Hindu Sindhi Bible

14 سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي ديا ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن تي ديا ڪندو.


اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


جڏهن بہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“


”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ ايشور بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ ايشور بہ اوهان کي معاف ڪندو.


هڪٻئي تي ڪرپالو ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح ايشور مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن پرڀوءَ اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي ديا نہ ڪئي، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن ديا ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي ديا ڪرڻ جي ڳالهہ حاوي پوندي.


سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ