Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:8 - Hindu Sindhi Bible

8 سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي ايشور کي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا کي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي خدا کي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي.


ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن ايشور مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.


اي پريميؤ! جڏهن اسان سان اهڙا وچن ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پوِتر ڪريون جيڪا اسان جي شرير ۽ آتما ٻنهي کي اپوِتر ڪري ٿي ۽ ايشور جو خوف رکندي مڪمل طرح پوِتر ٿي وڃون.


پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير پاپن کان پوِتر ٿيل آهن ۽ اسان جا شرير صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري وشواس سان ايشور کي ويجھا ٿيون.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ شانتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پوِترتائيءَ جا ڳولائو ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ پرميشور کي نہ ڏسندو.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پوِتر ڪري ٿو، تہ جيئن اسين جيوت ايشور جي ڀڳتي ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن هميشہ واري پوِتر آتما جي وسيلي پاڻ کي ايشور وٽ بي‌عيب ٻليدان طور پيش ڪيو.


پر جيڪا ڏاهپ ايشور وٽان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پوِتر آهي، پوءِ صلح پسند، نماڻي ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ ديا ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري پاکنڊپائي.


ايشور جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي پاپيؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پوِتر ڪريو.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي وس هيٺ رهڻ سان پاڻ کي پوِتر ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي پريم جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري تن ۽ من سان پاڻ ۾ گَهرو پريم رکو.


اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ