Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:4 - Hindu Sindhi Bible

4 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي تسلي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي تسلي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:4
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو. سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا.


مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي ڍاول آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي کِلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.


هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.


يسوع انهيءَ ناريءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس سوڀ جو تاج، يعني اهو جيون حاصل ٿيندو جنهن جو وچن ايشور پاڻ سان پريم رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ