Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:3 - Hindu Sindhi Bible

3 ”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:3
55 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.


يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“


سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.


پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


”توبهہ ڪريو جو آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب سان گڏ آڪاش جي راڄ ۾ رسوئي کائڻ ويهندا.


جڏهن يسوع اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي چيلن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.


تنهن تي يسوع چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


۽ جيئن منهنجي پتا مون لاءِ راڄ مقرر ڪيو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ راڄ مقرر ٿو ڪريان.


اوهين منهنجي راڄ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“


”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،


يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“


جڏهن تہ دولتمند وشواسيءَ کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس سوڀ جو تاج، يعني اهو جيون حاصل ٿيندو جنهن جو وچن ايشور پاڻ سان پريم رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي جيون ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها سڌ ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ