Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:22 - Hindu Sindhi Bible

22 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو پئنچائت واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:22
93 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.


ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو شرير کي مارين ٿا پر آتما کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران ايشور کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني شرير ۽ آتما کي ماري نرڳ ۾ وجھي سگھي ٿو.


جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


تڏهن پطرس يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن منهنجو ڪو هم‌وشواسي منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آڪاش وارو پتا بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرم تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو ڌرم ۾ اچي اوهان جو چيلو ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو نرڳ واسي ٿا بڻايو.


اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس دوتن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄيءَ پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.


پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوهين نہ آڪاش جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو ايشور جو تخت آهي،


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ پرارٿنا ڪريو،


ان وقت سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا شاهدي هٿ ڪري کيس موت جي سزا ڏيارين. پر انهن کي اهڙي ڪابہ شاهدي ملي نہ سگھي،


صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.


پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ نرڳ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.


جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو.


تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“


تڏهن انهن يهودين يسوع کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“


جيئن تہ پولس يسوع ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا شاستري ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“


تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.


پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“


يا هي ماڻهو ڀلي پاڻ ئي ٻڌائين تہ جڏهن آءٌ يهودي پئنچائت جي اڳيان بيٺو هئس تہ هنن مون ۾ ڪهڙو ڏوهہ ڏٺو،


تڏهن انهن کين گڏجاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ


انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن.


هنن سنتن کي آڻي پئنچائت جي اڳيان بيهاريو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي


اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون.


تڏهن جيڪي پئنچائت ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن دوت جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.


هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو.


چور، لوڀي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير وشواسين وٽ.


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ وشواسي پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ پرڀو اهڙن سڀني پاپن جي سزا ڏيندو.


اهي ڪنهن جي بہ گلا نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم سڀاءُ اختيار ڪندي سڀني ماڻهن سان پوري نماڻائيءَ سان پيش اچن.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن ڌرتيءَ تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آڪاش مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.


اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن سنسار بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي شرير کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي جيون جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي نرڳ جي باهہ مان ملي ٿي.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.


سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي اهڙو پاپ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ کپي، جيڪو کيس جيون بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا پاپ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو پاپ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ پاپ ڪرڻ واري بابت پرارٿنا ڪرڻ کپي.


اهڙي همت تہ دوتن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو شيطان تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن شيطان کي رڳو ايترو چيو تہ ”پرميشور تو تي ڦٽڪار ڪري.“


ان کان پوءِ موت ۽ مئلن جي سنسار کي ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ