Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:14 - Hindu Sindhi Bible

14 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي جهان لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي وشواس آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.


يوحنا ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


ٻئي دفعي يسوع فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ سنسار جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي جيون جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


جيستائين آءٌ هن سنسار ۾ آهيان تہ آءٌ سنسار جي روشني آهيان.“


جيڪي مسيح تي وشواس نہ ٿا رکن تن سان پابند رهڻ کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رهنديون؟ يا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو واسطو آهي. هائو، اسان وشواسين جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ واسطو ڪونهي،


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ