Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:4 - Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي اپوِتر نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي اپوِتر ڪري ٿي.“


تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“


تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“


هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس اپوِتر ٿو ڪري.


پر يسوع کيس وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“


پر يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي ئي جيوت نہ ٿو رهي.‘“


تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پتا وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جي آتما جيڪا پتا مان نڪري ٿي، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


پنهنجي مٿي تي مڪتيءَ جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پوِتر آتما جي تلوار، يعني ايشور جو وچن پاڻ سان کڻو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ