Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:3 - Hindu Sindhi Bible

3 سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:3
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“


پر يسوع ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي جيوت ايشور جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، ايشور جو پٽ؟“


پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


ايشور جي پٽ يسوع مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.


ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن يسوع کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين.“


۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


دوت وراڻيس تہ ”پوِتر آتما تو تي پرگھٽ ٿيندي. هائو، مهان ايشور جي شڪتي تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پوِتر ٻار ايشور جو پٽ ڪري سڏبو.


انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون ايشور جو پٽ آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“


تڏهن شيطان چيس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هن پٿر کي حڪم ڪر تہ روٽي ٿي پوي.“


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


تنهن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ،


هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.


جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منش‌پتر تي وشواس آڻين ٿو؟“


هو جلد ئي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي يسوع بابت پرچار ڪرڻ لڳو تہ هو ايشور جو پٽ آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور جو پٽ يسوع مسيح جنهن جو پرچار مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪيو هو، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي وشواس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.


خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر ايشور جي ڳالهين کي خسيس ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.


تنهنڪري اچو تہ انهيءَ وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مهان سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو آڪاش تي ايشور وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني ايشور جو پٽ يسوع.


هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ