Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:25 - Hindu Sindhi Bible

25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ گليل، ۽ دڪاپلس، ۽ يروشلم ۽ يهوديہ مان، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر کان، ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي پٺيانئس هلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو


هن جي پٺيان ماڻهن جا جيڪي وڏا ميڙ پئي آيا تن مان بيمارن کي هن اتي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين غير قومن وارو گليل آهي،


يسوع وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ چيلا سندس چوڌاري مڙي آيا.


جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ يسوع هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.


سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟


پوءِ يسوع صور جي حدن مان نڪري صيدا جي علائقي مان لنگھي دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل ڍنڍ تي آيو.


يسوع هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس پوئلڳن جي وڏي ٽولي ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.


سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي شڪتي پئي نڪتي، جنهن سان سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا پئي ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ