Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:24 - Hindu Sindhi Bible

24 انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:24
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. يسوع ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن يسوع جي هاڪ ٻڌي،


اتان جي هڪ ڪنعاني ناري يسوع جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سوامي! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“


چوڻ لڳس تہ ”سوامي! منهنجي پٽ تي ديا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.


پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.


يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


پوءِ يسوع گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو.


ڌڻ چارڻ وارا اهو ڏسي شهر ڏانهن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون.


”سوامي! منهنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آهي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.“


هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو.


پوءِ يسوع آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو رهيو.


جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي.


جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو يسوع وٽ آندا.


تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا.


جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ يسوع ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو.


ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟


اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.


پوءِ يسوع جيڪو پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي.


يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس وينتي ڪئي ويئي.


يسوع بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“


اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي.


پر ٻين وري چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هوندو آهي، سو هن جهڙيون ڳالهيون نہ ڪري سگھندو آهي. ڀلا، ڀوت ڪنهن انڌي کي ديد ڏيئي سگھي ٿو ڇا؟“


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي وشواس رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني سنتن ۽ اڳواڻن جا نمسڪار هجن.


پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي منڊلين کي وشواس ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.


جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين چڱو ڀلو ڪيو ويو.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ