Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:13 - Hindu Sindhi Bible

13 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها.


جڏهن يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو گرو هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“


اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ


”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين غير قومن وارو گليل آهي،


يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو.


پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو.


ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.


اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“


تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘


تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.


يسوع وري گليل جي ڳوٺ قانا ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ کي مئي بڻايو هو. ڪفرناحوم شهر ۾ هڪ عملدار هو جنهن جو پٽ بيمار هو.


رات ٿي ويئي هئي پر يسوع انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا.


سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ يسوع آهي، نڪي سندس چيلا آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا.


هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيندي ٻڌايون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ