Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:10 - Hindu Sindhi Bible

10 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


جتي يسوع کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ دوتن سندس سيوا پئي ڪئي.


يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آڪاش مان کِنوڻ اچيو ڪري.


سو جيڪڏهن شيطان جي راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي تہ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪندو؟ اوهين چئو ٿا تہ آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان.


تڏهن هيءَ ناري جيڪا ابرهام جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“


تڏهن ٻارهن چيلن مان يهوداہ نالي هڪڙي چيلي، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو.


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“


جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. يسوع کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس شرير واريون خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس آتما پرڀوءَ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين پرارٿنا ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان ۾ برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ جوتي دوت جهڙو بڻائي ٿو.


انهيءَ درشن جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي شرير ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون.


تنهنڪري پاڻ کي ايشور جي وس هيٺ رکندي شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.


اوهين وشواس تي قائم رهي سندس مقابلو ڪريو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ اوهان جا وشواسي ڀائر ڀينر جيڪي سڄي سنسار ۾ آهن، سي بہ اهڙين ئي تڪليفن ۾ پيا گذارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ