Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:6 - Hindu Sindhi Bible

6 انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ انهن پنهنجا گناهہ باسي، يردن نديءَ ۾ هن کان بپتسما ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:6
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي پرميشور سندن ايشور ڏانهن ڦيرائيندو.


تنهن تي يوحنا انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


ڏسو، يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل وچن موجب پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.“


تڏهن مون کي پرڀو يسوع جو چوڻ ياد آيو تہ ’يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.‘


جن مٿس وشواس آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُلي‌عام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.


تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا پاپ ڌوپي وڃن.‘


اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي.


اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ ايشور، جنهن کيس مئلن مان جيوت ڪيو، تنهن جي انهيءَ شڪتيءَ تي وشواس آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جيوت ڪري اٿاريا ويا.


هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا آسيس گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيوت ٿيڻ ۽ امر عدالت بابت سکيا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پوِتر ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ شرير جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان ايشور سان وچن ڪجي. اها بپتسما يسوع مسيح جي وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ