Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:12 - Hindu Sindhi Bible

12 هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“


منش‌پتر پنهنجي دوتن کي موڪليندو ۽ اهي سندس راڄ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي ڀَٽڪائين ٿا ۽ نيم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


اهي دوت کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.


پوءِ سچار پنهنجي پتا جي راڄ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


تنهن تي يوحنا انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ