Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28:9 - Hindu Sindhi Bible

9 تہ اوچتو ئي يسوع انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”نمسڪار.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري هن آڏو سيس نوايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ ڏسو، يسوع کين گڏيو، ۽ چيائين تہ سلام، ۽ هنن اچي پيرن تي ڪِري کيس سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تہ اوچتو ئي عيسيٰ انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين.


يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي چيلن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


اتي جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو تہ هن جي اڳيان سيس نوايائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو.


تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي يسوع جي چيلن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون


جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”نمسڪار آ تو تي، جو ايشور تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي.“


تڏهن هنن سندس اڳيان سيس نوايو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا.


هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.


تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.


انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن چيلا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ سک وَ شانتيءَ سان جيون گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح ايشور جيڪو پريم ۽ شانتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ