Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28:5 - Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ دوت نارين کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“


يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي چيلن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي ڌرتيءَ تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا.


تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.


تڏهن دوت چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور تو تي ڪرپالو آهي.


تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيوت آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟


پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ