Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:27 - Hindu Sindhi Bible

27 پوءِ اهي سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ اهي سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 پوءِ سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا ۽ سمورا سپاھي ھن جي چوڌاري ڦري آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:27
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.


ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن.


سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.


تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ يسوع کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“


قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.


تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“


پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي مهاراجا واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ