Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:61 - Hindu Sindhi Bible

61 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ايشور جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

61 ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ چيو ٿي تہ آئون خدا جي هيڪل کي ڊاهي وري ٽن ڏينهن ۾ جوڙي ٿو سگهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

61 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ خدا جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

61 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان ھن ماڻھوءَ کي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ خدا جو ھيڪل ڊاھي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري ان کي ٺاھي بہ سگھان ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:61
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


تنهن تي وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا هنن جي الزامن جي جواب ۾ تو کي ڪجھہ بہ چوڻو نہ آهي؟“


پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هو.“


”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ سوليءَ تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“


تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.


”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“


جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري يسوع کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو.


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل راجا آهيان.‘“


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“


جيئن تہ پولس يسوع ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا شاستري ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“


اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني ڀڳتي ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“


ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو سنسار ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ