Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:39 - Hindu Sindhi Bible

39 يسوع ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:39
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


يسوع ٻيهر پري ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا وري ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


هو يسوع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو.


تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ يسوع مٿي نهاري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن سنسار ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پتا سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پتا مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“


تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“


تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.


”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن ايشور مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.


آءٌ آڪاش مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سيس نوايائين.


انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو، ۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو جو موت، بلڪ سوليءَ وارو موت قبول ڪيائين.


يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ