Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:26 - Hindu Sindhi Bible

26 جڏهن هو کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن هو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.


پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري انهن کي ڏيندي چيو تہ ”اوهين سڀيئي هن مان پيئو.


تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ روٽين جا ٽڪرا ڀڃندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون.


پوءِ يسوع مئي جو پيالو کڻي ايشور جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو.


پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ