Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:25 - Hindu Sindhi Bible

25 دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي گرو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اهو آئون آهيان ڇا؟ هن چيس، تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي استاد! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين.


پر اوهين ’سوامي‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سوامي آهي.


پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان هڪڙو جنهن کي يهوداہ اسڪريوتي چوندا هئا سو سردار ڪاهنن وٽ ويو


سو هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي گرو! نمسڪار.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“


انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون ايشور جو پٽ آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ