Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:14 - Hindu Sindhi Bible

14 پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان هڪڙو جنهن کي يهوداہ اسڪريوتي چوندا هئا سو سردار ڪاهنن وٽ ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن ٻارهن ڄڻن مان هڪڙو، جنهن جو نالو يهوداهہ اسڪريوتي هو، تنهن سردار ڪاهنن وٽ وڃي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ عيسيٰ جي ٻارهن شاگردن مان هڪڙو جنهن کي يهوداہ اسڪريوتي چوندا هئا سو سردار ڪاهنن وٽ ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شمعون قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري يسوع کي پڪڙايو.


دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي گرو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“


يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.


دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ يسوع کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو.


يسوع جي چيلن مان هڪڙي جنهن جو نالو يهوداہ اسڪريوتي هو ۽ جيڪو اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو،


يسوع ۽ سندس چيلا رات جي رسوئي کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو يسوع سان دغا ڪري.


يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اهو آهي.“ پوءِ هن روٽيءَ جو گرهہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ کي ڏنو.


سو يهوداہ گرهہ وٺي هڪدم ٻاهر نڪري هليو ويو. اهو رات جو وقت هو.


يهوداہ دغاباز کي انهيءَ هنڌ جي سڌ هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع ڪيترائي دفعا پنهنجي چيلن سان گڏ اوڏانهن ويو هو.


”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.


يروشلم جي سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ يهوداہ جيڪي پئسا پنهنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا هئا، تن مان هن زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هو. اتي هو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيس. سو ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي ارامي ٻوليءَ ۾ ”اڪالديمي“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خون واري زمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ