Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:9 - Hindu Sindhi Bible

9 ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهيءَ وقت هو اوهان کي عذابن ڏيڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪندا، ۽ سڀ قومون منهنجي نالي ڪري اوهان سان عداوت رکنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:9
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو.


ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن سنديش ڏيندڙ سنت، سياڻا ماڻهو ۽ شاستري موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.


اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي ايشور پنهنجي سياڻپ سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘


پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ راجائن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


”جيڪڏهن سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو تہ اوهان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انهيءَ پهريائين مون کان بہ نفرت ڪئي هئي.


ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي.


ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘


سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن پنٿ سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن پنٿ جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“


پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري ايشور جي مهما ڪندو رهي.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي وشواس رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ