Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:31 - Hindu Sindhi Bible

31 تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي دوتن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ايشور جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:31
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو دوتن جي سردار جي آواز سان ۽ ايشور طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت پرڀو يسوع وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آڪاش مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي وشواس رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيوت ٿي اٿندا.


پوءِ هو دوتن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي ايشور جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“


منش‌پتر پنهنجي دوتن کي موڪليندو ۽ اهي سندس راڄ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي ڀَٽڪائين ٿا ۽ نيم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


جڏهن اسان جو پرڀو يسوع مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين وينتي ٿا ڪريون تہ


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.


۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ ايشور جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري.


”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار دوت بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن ڌرتيءَ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.


پوءِ مون اهي ست دوت ڏٺا، جيڪي ايشور جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن سنديش نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو سنديش ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“


يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر ايشور جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


”انجير جي وڻ مان اوهين سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو.


انهيءَ جبل تي توتاري جو شور ۽ ايشور جي ڳالهائڻ جو اهڙو آواز هو، جنهن جي ٻڌڻ وارن يعني بني اسرائيل وينتي ڪئي تہ ساڻن وڌيڪ نہ ڳالهايو وڃي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ