Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:3 - Hindu Sindhi Bible

3 يسوع جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس چيلا نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي راڄ اچڻ جي ۽ هن انتم زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر هليو ويو. سندس چيلا وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آهي؟“


ساڳيءَ طرح قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. دوتَ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا


تڏهن چيلن اچي چيس تہ ”گرو! ڇا اوهان کي سڌ آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“


ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


پوءِ نويڪلائيءَ ۾ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“


يسوع ۽ سندس چيلا جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان يسوع ٻن چيلن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو.


منش‌پتر جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آڪاش ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.


ان وقت منش‌پتر جي نشاني آڪاش ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.


انهن کي ڪا سڌ ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. منش‌پتر جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو.


انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي سڌ هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.


۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان سڌ پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“


يسوع انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پتا پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.


نہ تہ سنسار جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي ٻليدان ڪرڻ سان پاپ کي مِٽائي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ