Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:7 - Hindu Sindhi Bible

7 هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ کين وڻي ٿو تہ ماڻهو اسان کي بازارن ۾ سلام ۽ ربي ڪري سڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين ۽ کين ’سائين، سائين‘ ڪري پڪارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان؟ اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ


پر اوهين ’سوامي‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سوامي آهي.


دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي گرو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“


سو هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي گرو! نمسڪار.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


يسوع پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي گرو! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“


تنهن تي پطرس کي سراپ واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن يسوع کي چيائين تہ ”اي گرو! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان سراپ ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“


يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي وڌيڪ چيو تہ ”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن.


هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ کيس ”گرو!“ سڏي چمي ڏنائين.


تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”گرو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“


اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا نمسڪار پسند ڪريو ٿا.


يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“


يسوع چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا گرو!“


هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“


سو اهي يوحنا وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي گرو! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“


هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“


ماڻهن جڏهن يسوع کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي گرو! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“


هن جي چيلن کانئس پڇيو تہ ”اي گرو! هي ڪنهن جي پاپ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي پاپ جي ڪري يا پنهنجي ماتا پتا جي پاپ جي ڪري؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ