Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:4 - Hindu Sindhi Bible

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي نيم جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، ديا ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.


تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.


تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي نيم شاستريؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.


تہ پوءِ اوهين ايشور کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي وشواس آڻيندڙن تي نيم جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟


پوِتر آتما ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون


ختنو ڪرائڻ وارا تہ پاڻ نيم تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ شريري رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.


ايشور سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


پر اوهين ٿواتيرہ جي منڊليءَ جا باقي ماڻهو ايزبل جي سکيا تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ