Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:34 - Hindu Sindhi Bible

34 ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن سنديش ڏيندڙ سنت، سياڻا ماڻهو ۽ شاستري موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:34
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ منش‌پتر اچي پهچندو.


تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ نيم شاستري آڪاش جي راڄ جو چيلو ٿئي ٿو، سو پنهنجي ڄاڻ مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين سنديش ڏيندڙ سنتن جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘


تڏهن يسوع وري چين تہ ”اوهان تي شانتي هجي. جيئن پتا مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“


پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا.


هن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو.


انطاڪيا جي وشواسي منڊليءَ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙن ۽ سکيا ڏيندڙن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو راجا هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.


پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.


يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو.


تنهن هوندي بہ هنن سنتن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏين.


تنهن هوندي بہ پختي وشواس وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن سنسار جي آهي، نڪي هن سنسار جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.


سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي سنديش ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ سکيا ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪريون.


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن مڪتيءَ جو سنديش ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن پاپن جي ڀريل مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ ايشور جو ڏمر انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ