Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:16 - Hindu Sindhi Bible

16 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 افسوس آهي اوهان لاءِ، اي انڌا سونهان، جو چئو ٿا تہ جيڪو هيڪل جو قسم کڻندو سو ٻڌل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 مصيبت آھي اوھان لاءِ اي انڌا اڳواڻو! اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو ھيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو.


اي انڌؤ! اي مورکؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پوِتر ڪيو؟


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آڪاش جو نہ ڌرتيءَ جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو.


اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.


اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، ڀيٽا يا ٻليدان واري جاءِ، جيڪا ڀيٽا کي پوِتر ٿي ڪري؟


آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ ختنو ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي نيم تي عمل ڪري.


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين آڪاش جي راڄ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ