Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:18 - Hindu Sindhi Bible

18 يسوع انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي پاکنڊيؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 عيسيٰ انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 عيسيٰ انھن جي بڇڙي نيت کي ڄاڻي ورتو، تنھنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارو! اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو


اتي ڪي فريسي يسوع کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي پتنيءَ کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“


ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا.


مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انهن هن کي ماري وڌو. پوءِ هن ٻيا ڪيترائي ماڻهو موڪليا، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون.


يسوع هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟


تنهن کان پوءِ هڪڙو نيم شاستري اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪري سگھان؟“


يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ


يسوع انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


يسوع سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين.


هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي.


انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي زمين تي پنهنجي آڱر سان لکڻ لڳو.


تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي پتيءَ گڏجي پرڀوءَ جي پوِتر آتما کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي پتيءَ کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“


هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ