Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:8 - Hindu Sindhi Bible

8 جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن وراڻيو تہ ’انهيءَ ڪري جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن بہ ڪين بيهاريو آهي.‘ تنهن تي هن چين تہ ’چڱو، اوهين بہ وڃي منهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘


جيڪي ماڻهو چوٿين پهر ڪم تي بيٺا هئا تن مان هر ڪنهن کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو.


گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انهن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انهن کان حساب وٺڻ لڳو.


”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن شرير ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ