Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:23 - Hindu Sindhi Bible

23 تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پتا تيار ڪيون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 هن چين تہ مون وارو پيالو بيشڪ اوهين پيئندا، پر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، پر اُهو انهن ئي جي لاءِ آهي جن لاءِ منهنجي پيءُ اُهو تيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پيءُ تيار ڪيون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين منھنجو پيالو پيئندا. پر پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ منھنجي اختيار ۾ نہ آھي. اھي جايون انھن جون آھن جن جي لاءِ منھنجي پيءُ تيار ڪيون آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


جڏهن ٻين ڏهن چيلن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا.


پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


پر منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، بلڪ انهن جڳهن تي انهن کي ئي ويهاريو ويندو جن جي لاءِ اهي تيار ڪيون ويون آهن.“


هن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو.


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو ايشور پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“


تنهنڪري اسان کي اوهان لاءِ پڪي اميد رهي ٿي تہ اوهين همت نہ هاريندا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ جهڙيءَ طرح اوهين ڏک سور ۾ اسان سان شريڪ رهو ٿا، تهڙيءَ طرح انهيءَ دلداريءَ ۾ بہ شريڪ آهيو جيڪا اسان کي ملي ٿي.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آڪاشي ديس جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ ايشور، انهن جو ايشور سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ