Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:22 - Hindu Sindhi Bible

22 تڏهن يسوع سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو؛ جيڪو پيالو آئون پيئڻ وارو آهيان، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني چيلن بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.


يسوع ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


يسوع ٻيهر پري ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا.


هن وڌيڪ چيو تہ ”اي پتا! اي منهنجا پتا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.


”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“


انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ