Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:20 - Hindu Sindhi Bible

20 تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا پنهنجي ٻنهي پٽن سميت يسوع وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري وينتي ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تنهن کانپوءِ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ پنهنجن پٽن سميت وٽس آئي ۽ پيرين پئي هن کي عرض ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنهنجي ٻنهي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري عرض ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“


هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. يسوع انهن کي سڏيو،


انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماتا مريم ۽ زبديءَ جي پتني جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا هئي سي پڻ شامل هيون.


اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


اتي جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو تہ هن جي اڳيان سيس نوايائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو.


تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سوامي! منهنجي مدد ڪريو.“


تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ