Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:23 - Hindu Sindhi Bible

23 ۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ نبين جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 ۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ


ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو سنديش ڏيندڙ سنت يسوع آهي.“


پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هو.“


”اي يسوع ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“


انهن ڏينهن ۾ يسوع گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يوحنا وٽ آيو ۽ يوحنا کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.


اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني ايشور جبرائيل دوت کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو.


ماڻهن ٻڌايس تہ ”يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي.“


يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا.


انهن وراڻيس تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“ تنهن تي هن چين تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان.“ يهوداہ دغاباز بہ انهن سان گڏ بيٺو هو.


تڏهن يسوع کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“


پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. سنسار جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي ڀَٽڪيل پنٿ جو اڳواڻ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ