Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:22 - Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر جڏهن ٻڌائين تہ ارڪيلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي جاءِ تي يهوديہ ۾ بادشاهي ٿو ڪري، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان ڊنو، ۽ خواب ۾ جا هدايت ٿيس، تنهن موجب هو گليل جي پرڳڻي ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ علائقي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان کيس پيٽ ٿيو آهي.


يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو،


تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.


پوءِ يسوع گليل علائقي کان اردن درياءَ تي يوحنا وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي.


يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا.


انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پوِتر شاستر پڙهي ڏس تہ تو کي سڌ پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪوبہ سنت پيدا ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ