Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو راجا جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ آيا آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ چوڻ لڳا تہ يهودين جو بادشاهہ جو پيدا ٿيو آهي سو ڪٿي آهي؟ ڇالاءِ جو اسان ان جو تارو اُڀرندي ۾ ڏٺو آهي: تنهنڪري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:2
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيروديس راجا جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا.


”صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو راجا اوهان وٽ اچي پيو، هو نماڻو آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“


يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“


”سڀاڳو آهي اهو راجا، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! شل آڪاش تي شانتي ۽ ايشور جي مهما هجي!“


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي.


تڏهن پلاطس هن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“


هن جي مٿان هڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنهن تي لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو پٽ کي اهڙي نموني مان ڏين جهڙي نموني پتا کي مان ڏين ٿا. تنهنڪري جيڪو پٽ کي مان نہ ٿو ڏئي سو پتا کي مان نہ ٿو ڏئي، جنهن کيس موڪليو آهي.


تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ وشواس آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن سندس اڳيان سيس نوايو.


وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي پٽ کي سنسار ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون ايشور جا سڀ دوت هن جي اڳيان سيس نوائين.“


پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”مون يسوع پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو وشواسي منڊلين کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ راجا دائود جي پيڙهيءَ ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ