Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:16 - Hindu Sindhi Bible

16 جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جڏھن ھيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آھي، تڏھن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. ھن حڪم ڏنو تہ ”بيت⁠لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي⁠بہ ٻن سالن کان ننڍا يا ٻن سالن جا ٻار ھجن تن سڀني کي ماري ڇڏيو،“ ڇوتہ ھن کي اھو وقت ياد ھو جڏھن نجومين کيس تاري جي ظاھر ٿيڻ بابت ٻڌايو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ


تنهن تي هيروديس انهن جوتشين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


مون انهيءَ ناريءَ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي يسوع بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ ناريءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ