Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:11 - Hindu Sindhi Bible

11 هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:11
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع مسيح جو جنم هن ريت ٿيو جو جڏهن سندس ماتا مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي سڌ پيئي تہ کيس پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيٽ ٿيو آهي.


يسوع ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماتا ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.


تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو راجا جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ آيا آهيون.“


تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو.


اها ناري بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ ايشور جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ايشور طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ يسوع سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ مهاتما انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن مهاتمائن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون پرارٿنائون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ