Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:9 - Hindu Sindhi Bible

9 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو زنا کان سواءِ پنهنجي زال کي ڪڍي ٿو ڇڏي، ۽ ٻي ٿو پرڻجي، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 19:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي سندس چيلن کيس چيو تہ ”جيڪڏهن پتي پتنيءَ جو اهو حال آهي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آهي.“


يسوع وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سخت‌دليءَ ڪري اوهان کي آگيا ڏني تہ اوهين پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل ناريءَ سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


ڏسو، نيم موجب جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو پتيءَ جي طلاق ڏنل ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماتا پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


جيستائين پتي جيوت آهي تيستائين پتني سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد پرڀو يسوع مسيح جو هجي.


پتني پنهنجي شرير جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس پتي آهي. ساڳيءَ طرح پتي بہ پنهنجي شرير جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس پتني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ