Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:6 - Hindu Sindhi Bible

6 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي وشواس آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائيندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي تن مان هڪڙي کي جيڪو گمراهہ ڪندو، انهي جي لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي ايمان آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوهان جو آڪاش وارو پتا نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ ڀَٽڪي وڃي.“


۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“


”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.


هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ ڀَٽڪي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ