Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:31 - Hindu Sindhi Bible

31 جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تنهن تي جڏهن هن جي هم شريڪ نوڪرن اهو حال ڏٺو، تڏهن کين ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ سارو حال اچي پنهنجي ڌڻيءَ کي ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 جڏھن ان جي ساٿي نوڪرن ھي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سارو احوال پنھنجي مالڪ کي ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:31
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي وچن ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڪنيا جي مرضي پوري ٿئي.


پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘


پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري.


تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون.


يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


نوڪر موٽي اچي اهي سڀيئي ڳالهيون پنهنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شهر جي چونڪن ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘


جڏهن يسوع يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور هئاسين. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آهي تہ آءٌ مورکتا سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آهيان.


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي آتمڪ فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ ايشور وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ