Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:5
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، هي منهنجو داس آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


اهو آواز ٻڌي چيلا ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.


پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


تڏهن آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“


ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو پٽ آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


۽ پوِتر آتما ڪبوتر جي روپ ۾ مٿس اچي لٿي. تڏهن آڪاش مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“


ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


بلڪ پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس روپ ڏٺو اٿوَ،


اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘


انهيءَ لاءِ تہ سندس جوت سان ڀريل انهيءَ ڪرپا جي مهما ٿئي، جيڪا هن پنهنجي پياري پٽ ۾ اسان کي مفت بخشي.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو،


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ