Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:18 - Hindu Sindhi Bible

18 پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ يسوع هن کي جهڻڪيو ۽ ڀوت منجهانئس نڪري ويو، ۽ ڇوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. يسوع ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو وشواس رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اي بي‌وشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“


پوءِ نويڪلائيءَ ۾ چيلن يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“


تڏهن يسوع ڦري انهيءَ ناريءَ کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها ناري چڱي ڀلي ٿي پيئي.


يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر يسوع ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پتا جي حوالي ڪيائين.


ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ