Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:12 - Hindu Sindhi Bible

12 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ انهن کيس نہ سڃاتو؛ پر جيڪي وڻين سو هن سان ڪيائون. ساڳيو انهي طرح ابن آدم بہ اُنهن جي هٿان سختيون سهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:12
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن يوحنا جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي چيلا يسوع ڏانهن موڪليا.


انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“


هن وراڻيو تہ ”برابر، ايلياہ پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو.


تڏهن ئي چيلن سمجھيو تہ هو ساڻن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالهائي رهيو هو.


پوءِ جڏهن سڀيئي چيلا گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ يسوع انهن کي ٻڌايو تہ ”منش‌پتر جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.


پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ يسوع کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“


ان جو سبب هي آهي تہ يوحنا جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ وئشيائون هن تي يقين ڪري انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“


يسوع کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري وِرت جي ڪري اڪثر نہ روٽي ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘


هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ