Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:8 - Hindu Sindhi Bible

8 يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ روٽي ڪونهي‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين پاڻ ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪريو، تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونهي‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“


تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين روٽي ڪونہ کڻي آيا آهيون.“


ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!


تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“


ڪابہ رچيل شيءِ ايشور کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ