Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:6 - Hindu Sindhi Bible

6 هاڻي جڏهن يسوع کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هاڻي جڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پوءِ عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ٿجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“


اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي روٽيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“


تڏهن چيلن سمجھيو تہ هو روٽيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان هوشيار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي سکيا کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.


گليل ڍنڍ جي هُن ڀر وڃڻ وقت يسوع جي چيلن کان روٽي کڻڻ وسري ويئي هئي.


تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين روٽي ڪونہ کڻي آيا آهيون.“


يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟


يسوع چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“


ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ يسوع جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن يسوع انهن جي اڳيان پنهنجي چيلن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”پاکنڊپائي فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي جيون کي نہ ٿي سنواري.“


تنهن تي سندس چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن لاءِ ڪنهن کاڌو آندو آهي؟“


خبردار رهجو، اهو ڪم خمير مثل آهي جيڪو ٿورڙو ئي سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ