Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:20 - Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تڏهن هن شاگردن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان چئو تہ هي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو پتي هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان يسوع پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“


پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ يسوع کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“


پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“


تڏهن يسوع کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اهو ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“


پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي.


تڏهن کين تاڪيد ڪندي حڪم ڏنائين تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“


جڏهن اهو آواز آيو تڏهن يسوع اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ چيلن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون.


جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، پرڀو! مون کي وشواس آهي تہ مسيح ايشور جو پٽ، جيڪو سنسار ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ”يسوع اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پتا ۽ پٽ جو انڪار ڪري ٿو.


جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ